اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن ) جي ڊائريڪٽر مدثر رضوي چيو آهي ته اسان جا ووٽرز وڌيا پر ٽرن آئوٽ گهٽيو آهي.
فافن رپورٽ موجب، ملڪ ۾ ڪُل 12 ڪروڙ 66 لک 50 هزار 183 ووٽر رجسٽرڊ هئا جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 263 سيٽن تي ڇهه ڪروڙ پنج لک اٺ هزار ٻه سئو ٻارنهن ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ ووٽنگ جو تناسب 47 ڏهائي 8 سيڪڙو رهيو جڏهن ته گذريل اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ 58 سيڪڙو هو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فافن ڊائريڪٽر چيو ته رجسٽرڊ ووٽرز وڌڻ سان سياسي جماعتن جي ذميواري وڌي وئي آهي.
You might also like