حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز شريف ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اڄ اهم ملاقات جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز شريف ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اڄ اهم ملاقات جو امڪان آهي.
چونڊ نتيجن بعد سياسي اڳواڻن رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت سرگرم ٿي وئي آهي.
اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ن ليگ جي قائد نواز شريف وچ ۾ اڄ اهم ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.
حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان ن ليگ صدر شهباز شريف به اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو اتفاق نه ٿي سگهيو هو.
مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ملاقات ۾ ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.
هن چيو ته پهريان پارٽي اڳواڻن سان مشورا ڪري بعد ۾ قدم اڳتي وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.