مٿن چڪرورتي اڌ رنگ جو شڪار

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار مٿن چڪرورتي اڌ رنگ جو شڪار ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار مٿن چڪرورتي 10 فيبروري تي نئين فلم جي شوٽنگ تان گھر موٽي رهيو هو ته سندس طبعيت خراب ٿي وئي جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو .
رپورٽن موجب مٿن چڪرورتي پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ مان فارغ ٿي گھر موٽي رهيو هو ته رستي ۾ کيس بيچين ۽ سيني ۾ تڪليف محسوس ٿي جنهن کان پوءِ اداڪار کي ايمرجنسي ۾ ڪولڪتا جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس دماغ جو ايم آر آءِ ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪيون ويون.
ايم آر آءِ رپورٽ اچڻ کانپوءِ پتو پيو ته مٿن چڪروتي کي دماغ جو فالج ٿيو آهي جنهن کانپوءِ سندس علاج جاري آهي.
اداڪار جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته مٿن چڪرورتي مڪمل طور تي هوش ۾آهي، سندس صحت ۾ پهريان کان وڌيڪ بهتري آئي آهي، کيس توانائي لاءِ ڊرپس لڳايون پيون وڃن ۽ گڏوگڏ نرم خوراڪ پڻ ڏني پئي وڃي.
ڊاڪٽر وڌيڪ چيو ته مٿن چڪرورتي کي اسپتال مان ڊسچارج ڪرڻ کان پهرين سندس وڌيڪ طبي معائنو ڪيو ويندو ته جيئن اداڪار کي گهر وڃڻ کانپوءِ پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوي.
ٻئي پاسي ڀارتيه جنتا پارٽي اولهه بئنگال جي سربراهه سڪانتا مجمدار اداڪار سان ملاقات ڪئي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.