اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي پارٽي جي آزاد ميمبرن کان استعيفيٰ ۽ حلف نامن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي رابطن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي حمايتي ميمبرن کان استعيفيٰ ۽ حلف ناما طلب ڪرڻ جو مقصد کين وفاداريون مٽائڻ کان روڪڻ آهي.
هن چيو ته وسيم قادر خلاف عدالت ويندس، سندس مسلم ليگ ن ۾ شموليت جي مذمت ڪريون ٿا.
خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڪثر اميدوار اسان سان گڏ آهن، ڪٿي به نه ويندا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت سان چونڊيل ميمبر آزاد نه پر پارٽي سان تعلق رکن ٿا، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته هڪ پارٽي ڇڏي ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارن جو ووٽ نه ڳڻيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪامياب اميدوار انور تاج، عارف احمد زئي ۽ شاهد خٽڪ حلف ناما اُماڻي ڇڏيا آهن جڏهن ته علي محمد، عاطف خان ۽ شڪيل خان سميت ٻين ڪامياب اميدوارن حلف ناما جمع ڪرائڻ تي راضي ناهن.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف پنهنجي بيان چيو آهي ته حلف نامن مان غلط تاثر نه ورتو وڃي، ڪي پي مان چونڊيل ميمبرز پي ٽي آءِ باني سان مضبوط بيٺا آهن.
هوڏانهن حماد اظهر چيو ته وسيم قادر اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچايو، هن پنهنجي پاڻ کي وڏو اگهه لڳائي وڪرو ڪيو آهي.