اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چونڊ درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ صوبائي اسيمبلين جي پنج ۽ قومي اسيمبلي هڪ تڪ جا چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني ۽ اليڪشن ڪميشن بلوچستان جي ميمبر شاهه محمد جتوئيءَ تي ٻڌل بئنچ چونڊ نتيجن ۾ شڪايتن جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ميمبر اليڪشن ڪميشن سنڌ چيو ته جيڪي هارائي ويو جشن ملهائي رهيو آهي ۽ جيڪو کٽي ويو اِهو ڌانڌلي جا الزام مڙهي رهيو آهي اهڙو رويو ڪيستائين هلندو؟ هار ۽ کٽ جهموريت جو حسن آهي.
اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته آر اوز گهڻي قدر تڪن ۾ حتمي نتيجا جاري ڪري چڪا آهن، ان موقعي تي نتيجا روڪڻ سان ايندڙ مرحلن ۾ دير ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن درخواستن تي ٻڌڻي کانپووءِ پي بي 14 نصيرآباد ۽ پي بي 44 ڪوئيٽا جو حتمي نتيجو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن پي پي 33 گجرات، پي پي 126 جهنگ ۽ پي پي 128 جهنگ جو حمتي نتيجو جاري رڪڻ کان به روڪي ڇڏيو.
You might also like