وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ٻه نقاطي فارمولو تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي مرڪز ۾ اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ فارمولو تيار ڪري ورتو.
ذريعن موجب، وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ ( ف ) وچ ۾ سياسي اتحاد جو امڪان آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ٻه نقاطي فارمولو تيار ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهه ٻول ۾ ڪردار ادا ڪندڙ انتهائي اهم شخصيت ٻڌايو آهي ته اڄ پيپلز پارٽي پنهنجي سي اي سي اجلاس ۾ اتحادي حڪومت جي حوالي سان ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي ويندي.
ذريعن موجب، ٻه نقاطي فارمولي تحت پهرين مرحلي ۾ وڌيڪ سيٽن واري پارٽي جو وزيراعظم ٽي سال رهندو ٻئي مرحلي ۾ ٻن سالن لاءِ ٻي جماعت جو وزيراعظم هوندو جڏهن ته پ پ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ مريم نواز جي حمايت جي خاطري ڪرائيندي .
پ پ ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاق ۾ پهرين ۽ ٻئي مدي واري فارمولي تي غور ڪيو ويندو.
واضح رهي ته اٺ فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي جوڙ ٽوڙ تيز ٿي ويو آهي ۽ مختلف پارٽيءَ جي وڏڙن اسلام آباد ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.