پ پ سان پاور شيئرنگ بابت ن ليگ جو موقف سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان پ پ سان پاور شيئرنگ واري معاملي تي ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اڃا تائين وزيرِاعظم ۽ وڏن وزير جي نالن بابت قيادت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، ان حوالي سان اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا جاري آهن.
ن ليگ ترجمان وڌيڪ چيو ته پاور شيئرنگ بابت ڪا به گفتگو ناهي ٿي ۽ پاور شيئرنگ ڳالهين جو حصو نه آهي، باقي گڏ هلڻ تي مشاورت ٿي آهي، جيڪو به فيصلو ٿيو مشاورت سان ٿيندو ۽ ان جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.