پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ وارو واقعو، فردوس عاشق اليڪشن ڪميشن آڏو پيش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ چونڊن دوران ڊيوٽيءَ تي موجود پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي .
اليڪشن ڪميشن ۾ فردوس عاشق اعواڻ خلاف پوليس اهلڪار کي چماٽ هڻڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان سلسلي ۾ آءِ پي پي اڳواڻ فرودس عاشق اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿي.
ٻڌڻي دوران فردوس عاشق اعواڻ اليڪشن ڪميشن ۾موقف اختيار ڪيو ته هڪ پاڪستاني شهري طور اميدوار جو حق آهي پنهنجي پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪري، اسان جا حمايتي ۽ ووٽرز پولنگ اسٽيشن ٻاهران بيٺا هئا، مون ڏٺو پولنگ اسٽيشن جي دري بند ڪئي وئي آهي، هڪ همراهه ماڻهن کي آواز ڏئي اندر گهرائي رهيو هو، اسان کي ڄاڻ نه هئي ته اِهو صاحب ڪير آهي،کيس سادا ڪپڙا پهريل هئا، پوليس وارن کي چيو ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، ان دوران شيون فليئر اَپ ٿينديون آهن، ڇا قانون کين سهولتڪاري ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو؟.
ان تي اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ميمبر پڇاڻو ڪيو ته ڇا قانون اوهان کي چماٽ هڻڻ جو حق ڏئي ٿو؟ جنهن فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته قانون ان جو حق نه ٿو ڏئي ۽ هن ان معاملي تي معذرت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.