جتي عوام ماني ڳڀي لاءِ سڪي رهيو هجي اتي شادي تي فضول خرچ مناسب ناهي: منيب بٽ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اداڪار منيب بٽ پنهنجي شادي تي حد کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سندس شادي اڄوڪي حالتن ۾ ٿئي ها ته مهانگائي کي نظر ۾ رکندي ڪڏهن به ايتريون تقريبون نه رکي ها.
منيب بٽ ويجهڙ ۾ خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ته جيڪڏهن ماضيءَ ۾ وڃي پنهنجي زندگيءَ جا ڪي ٻه واقعا تبديل ڪرڻا چاهيو ته اِهي ٻه وقعا ڪهڙا هوندا؟
اداڪار سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هڪ واقعو 2006ع جو آهي جڏهن مون ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ انٽر ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پري انجينيئرنگ ۾ داخلا ورتي هئي، هاڻي ان داخلا کي ڪامرس ۾ تبديل ڪرڻ چاهيندس.
اداڪار ٻڌايو ته کيس انجينئرنگ ڪائي خاص دلچسپي نه هئي ۽ والد جي دٻاءُ سبب مجبوري ۾ داخلا ورتي جنهن جو نتيجو ناڪامي جي صورت ۾ نڪتو .
منيب بٽ ٻڌايو ته ٻيو واقعو سندس شادي بابت آهي، جيڪڏهن شادي ماضيءَ بدران هاڻي ٿئي ها ته هو پنهنجي شادي جون ايتريون تقريبون نه رکندو ۽ نه ئي فضول خرچ ڪندو.
اداڪار چيو ته ائين ڪرڻ جو اهم سبب مهانگائي آهي، ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي جتي ڪيئي ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ سڪي رهيا آهن اتي پنهنجي شادي تي ايتري رقم خرچ ڪرڻ مناسب نه آهي.
واضح رهي ته اداڪار منيب بٽ 2018ع ۾ اداڪارا يمن خان سان شادي ڪئي هئي، ٻنهي جي شاديءَ جون تقريبون ڪيئي ڏينهن تائين جاري رهڻ سبب مداحن ان کي ڊگهي ترين شادي جو نالو پڻ ڏنو هو، جڏهن ته جوڙي کي ٻن نياڻين جو اولاد پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.