ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جي بنا ڪا حڪومت نٿي ٺهي سگهي، تنهن ڪري پارٽي چاهي ٿي ته بلاول وزيراعظم ٿئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو پ پ قيادت جو موقف آهي ته بلاول ڀٽو وزيراعظم جو اميدوار هجي، ڇو ته ڪو به ان پوزيشن ۾ ناهي ته اسان جي بنا حڪومت ٺاهي، جيڪڏهن ن ليگ جي ڳالهه آهي ته عددي اڪثريت ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن کي به حاصل آهي پر ڪو به حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.
هن چيو ته سي اي سي اجلاس ۾ تجويزون سامهون رکيون وينديون، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو پر پنهنجي ذاتي تجويز آهي ته جيڪڏهن بلاول وزيراعظم نٿو ٿئي ته بهتر آهي اسان حڪومت جو حصو نه بڻجون ۽ اپوزيشن ۾ ويهون.
سندس چوڻ هو اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان ن ليگ جي وزيراعظم کي ووٽ ڏيون ۽ اپوزيشن ۾ ويهون، اپوزيشن ليڊر جو عهدو ڀلي اسان وٽ نه هجي پر سٺي اپوزيشن ڪري سگهون ٿا.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪي معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيندي، ايندڙ حڪومت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار به هوندي، ان وٽ اڪثريت به نه هوندي.
You might also like