خيراتي سيٽ نه گهرجي: حافظ نعيم جو سنڌ اسيمبلي جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان صوبائي تڪ پي ايس 129 جي سيٽ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ايس 129 تي آزاد اميدوار سيف باري کٽيو هو، اسان جي خيرات جي ڪا سيٽ نه گهرجي، جيڪي کٽيا آهن انهن کي کٽرايو، جماعت اسلامي کي هڪ به ووٽ ناجائز نه گهرجي.
هن چيو ته هن اليڪشن کي اليڪشن چوڻ ناانصافي آهي، جعلسازي ڪندڙ پاڻ ڦاسي پيا، هاڻ اهي نٿا نڪري سگهن، ايم ڪيو ايم جي باضمير ماڻهن کي چوان ٿو ته سامهون اچن، مصطفيٰ ڪمال سميت ڪيترائي ايم ڪيو ايم وارا هارائي ويا آهن، انهن کي کٽرايو ويو آهي، اسان هڪ هڪ ووٽ سامهون آڻينداسين.
سندس چوڻ هو ته جعلي مينڊيٽ تي جشن ملهائيندڙ ٻڏي مرن، فرانزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو، اسان جون کٽيل سيٽون واپس ڪيون وڃن.
حافظ نعيم چيو ته اسان جي ويڙهه عوام جي حق لاءِ آهي، چُپ ٿي گهر نه ويهي رهنداسين، قانوني ۽ آئيني جنگ وڙهنداسين، اسان جي ويڙهه ادارن سان ناهي، اسان نظام خلاف وڙهي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.