لنڊن ميراٿون جو فاتح ڪيلون ڪيپٽم روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو

نيروبي ( ويب ڊيسڪ ) لنڊن ميراٿون ريس جو فاتح ڪينيائي ايٿيلٿ ڪيلون ڪيٽم روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، 24 سالا ڪيلون ڪيپٽم، ڪوچ هيڪيزمانا ۽ هڪ دوست سان گڏ آچر واري رات ڪار ۾ وڃي رهيو ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪيلون ۽ سندس ڪوچ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويا، جڏهن ته ٽئين همراهه کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
مقامي پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.