2023 دوران دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون جا تفصيل سامهون اچي ويا

دنيا ۾ سال 2023ع دوران سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪا سستي اينڊرائيڊ ڊيوائس نه پر ايپل جي مهانگي ترين آءِ فون 14 پرو ميڪس هئي.
اِها دعويٰ سمارٽ فون وڪرو جا انگ اکر جاري ڪندڙ ڪمپني Canalys هڪ رپورٽ ۾ ڪئي.
رپورٽ ۾ 2023 ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ 10 فونز جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب، ان فهرست ۾ ڏهن منجهان ست فونز ايپل جا تيار ڪيل آءِ فونز آهن، حقيقت ۾ ٽاپ فائيو سمارٽ فونز ايپل جا ئي تيار ڪيل آهن.
رپورٽ موجب، 2023 دوران دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون آءِ فون 14 پرو ميڪس هو جنهن جا ٽي ڪروڙ چاليهه لک يونٽ وڪرو ٿيا.
حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ان فهرست ۾ آءِ فون 15 پرو ميڪس ٻئي نمبر تي رهيو جيڪو سپٽيمبر 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ فون 14، آءِ فون 14 پرو ۽ آءِ فون 13 ترتيبوار ٽئين کان پنجين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فونز هئا.
رپورٽ موجب، آءِ فون 15 پرو ستين نمبر تي رهيو جڏهن ته آءِ فون 15 جي حصي ۾ ڏهون نمبر آيو.
ايپل کان هٽي ڪري ان فهرست ۾ ڇهين، اٺين ۽ نائين نمبر تي سام سنگ جا سمارٽ فون جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.