سنگلز جي ڀيٽ ۾ شادي شده ماڻهو وڌيڪ خوش هوندا آهن: سروي ۾ انڪشاف

آمريڪي ملٽي نيشنل تجزين جي ڪمپني گيلپ تازو هڪ سروي ڪئي، جنهن جو مقصد ان ڳالهه جو پتو لڳائڻ جو ته شادي شده ماڻهو ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ سنگلز (جيڪي ڪنهن به رشتي سان جڙيل ناهن هوندا)، انهن مان وڌيڪ خوش زندگي ڪير گذاريندو آهي؟
گيلپ سروي موجب شادي شده ماڻهو ڪنهن به ٻئي رشتي جي حيثيت ۾ رهندڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوش هوندا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب گيلپ جي اها سروي ڪرائيندڙ مصنف جوناٿن روٿ ريل ان حوالي سان چيو ته ظاهري طور اسان کي شادي شده هجڻ ۾ وڌيڪ فائدو نظر ايندو آهي پر اهو ان لاءِ به اهم آهي ته ماڻهو پنهنجي زندگي ڪيئن گذاري رهيو آهي.
ان سروي ۾ 2.5 ملين کان وڌيڪ آمريڪي ماڻهن کي چيو ويو ته اهي 2009 ۽ 2023 جي وچ ۾ پنهنجي زندگي کي ٻڙي کان 10 تائين درجو ڏين.
سروي موجب انگن اکرن مان خبر پئي ته شادي شدا ماڻهن سروي جي دورانيي ۾ سنگل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.
يونيورسٽي آف ورجينيا ۾ سماجيات جي پروفيسر ۽ نيشنل ميرج پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر بريڊ فورڊ ولڪوڪس موجب عمر، جنس ۽ تعليم جهڙيون شيون اهميت رکن ٿيون پر جيستائين ڳالهه سٺي ۽ خوشگوار زندگي گذارڻ جي هجي ته شادي سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.