چکوال (م ڊ) اين اي 58 تان آزاد اميدوار اياز امير چيو آهي ته منهنجا ووٽ 154 هزار کان وڌيڪ آهن جيڪي گهٽ ڪيا ويا. چکوال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آزاد اميدوار اياز امير چيو ته منهنجي تڪ جي عوام جي ووٽن سان ٺڳي ڪئي وئي. اياز امير چيو ته فارم 45 موجب مان 25 هزار کان وڌيڪ جي ليڊ سان کٽيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ رکي به ڪجهه نه ڪري سگهيا، اسان جي پارٽي سڄي ملڪ مان ڪلين سوئيپ ڪيو آهي. اياز امير چيو ته پوليس وارا ن ليگ جي اليڪشن ايجنٽن جو ڪردار ادا ڪندي نظر آيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته هو پرامن احتجاج جو رستو اختيار ڪندا. اياز امير سوال اٿاريو ته پي ڊي ايم 2 جي حڪومت ڪيئن ٺهندي؟