ڪراچي (م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته سڀ ڪامياب آزاد اميدوار تحريڪ انصاف جا نه آهن. خانگي ٽي پي سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته آزاد اميدوارن 100 سيٽون کٽيون آهن، انهن سڀني جو تعلق پي ٽي آءِ سان ناهي. جن ن ليگ جي اميدوارن کي ووٽ ڏنا، آئون انهن جو شڪر گذار آهيان. ن ليگ جي سينيٽر وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته سمورا اميدوار ثابت قدم رهندا، ان معاملي ۾ پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ سٺو ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ماڻهو ٻين پارٽين ۾ شامل ٿي ويا آهن، تنظيمن جي مسئلن تي به غور ڪرڻ گهرجي. مصدق ملڪ اهو به چيو ته پنجاب ۾ اسان جي پوزيشن هن وقت مضبوط آهي.