2006 ۾ نواب اڪبر بگٽيءَ پاران فوجي حڪمران کي للڪارڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي شدت ۽ عسڪري آپرشنز ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهيو ۽ تڏهن کان بلوچن جي ان جرئت مندي جي قيمت بلوچن کي پنهنجي جان سان ادا ڪرڻي پئي، جيڪا جاري آهي ۽ جيڪا کٽڻ ۽ ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي. نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان ترت پوءِ بلوچن ۾ هڪ غصي جي شدت پسند تحريڪ کي جنم ڏنو، بدلي ۾ هڪ مسلسل سيڪيورٽي ڪريڪ ڊائون ٿيندو رهيو، جنهن ۾ بيشمار بلوچ مردن کي جبري گمشدگي، انڪائونٽرنگ وارن قتلن سبب هڪ ڊپ واري احساس جو شڪار ٿيندو رهيو.
ان صورتحال ۾ سيڪيورٽي فورسز کي پڻ عملي طور تي ڀڄندي ۽ ڊوڙندي به ڏٺو ويو. جنهن سبب رياست بلوچ عوام کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪندي رهي. جنهن سان جمهوريت جي ساک بدنام ٿيندي رهي ۽ رياست ان جو بدلو به وٺندي رهي. ان شڪ ۽ خوف واري عمل ۾ بلوچن جا اهڙا سياستدان به ايندا رهيا جيڪي وچٿرا ٿي ڪم ڪندا رهيا، جيڪي هڪ پاسي پنهنجي سياست به چمڪائن ٿا ته ٻئي پاسي اهي اسٽبلشمينٽ سان ٻِٽُ بيٺا به آهن. اهي ڪڏهن اسيمبلين ۾ گجگوڙ نه ٿا ڪن، ڪو آواز نه ٿا اٿارن، يا جي ڪن به ٿا ته ٻئي ڏينهن انهن جا منهن پيسن سان بند ڪيا ٿا وڃن. مخصوص بلوچن کي انهن جي زمينن جي رائلٽي ملندي رهي ٿي ان ڪري ته انهن جي زمينن مان گيس، پيٽرول ۽ سون نڪرندو رهي ٿو، باقي ٻي بلوچ مخلوق اڃان تائين رياستي ظلم جو شڪار آهي. درد اهو به آهي ته عام ماڻهو جيڪو بي ڏوهي آهي، جنهن جو ان سياست جي ڪنهن به لوڀي لالچي ڳالهين سان ڪو لڳاءُ ناهي، اهي اڳواڻ ڪنهن به بلوچ لبرل آرگنائيزيشن ۾ شمار به ناهن، پر اهي پوءِ به گهرن مان گهلي گم ڪيا ٿا وڃن. رات پيٽ ۾ سندن ٻوٿ ٻڌي، اکيون تي لٽو چاڙهي ڪنهن نامعلوم جاين تي منتقل ڪيا ٿا وڃن، جن جو ڪو اَتو پَتو ناهي هوندو، پوءِ اهي مخصوص ماڻهو رياستي همدرديءَ کان محروم آهن.
رياست جي بي حسي اها به آهي ته اهي وري اهڙين جبري گمشدگين جي ڪيسن کان انڪار ٿي ڪري ۽ پنهنجي رياست کي بدنام ڪرڻ لاءِ آتا آهن. پر هاڻوڪين تحريڪن ۽ اسلام آباد طرف مارچن ۾ گمشدگين بابت آواز اٿاريندڙن ۾ عورتون ڪارڪن به شامل آهن، جيڪي رياست کي پنهنجن گم ٿيل پيارن جي ڳولا لاءِ التجا ٿيون ڪن.
هونءَ صوبي اندر پرتشدد تحريڪن، پيراملٽري فورسز ۽ فوجي اهلڪارن جي قتل کان به انڪار ناهي، پر ڪنهن نه ڪنهن طرح وڏي پيماني تي ۽ هر تناسب کان مٿانهون ٿي رياستي انتقامن جو جواز پيش ڪرڻ صريحن طور تي غلط به آهي، جنهن ۾ اسٽيٽ جي سياسي بي ايماني ۽ سراسر ناجائزي به شامل آهي. سوال ته اهو به آهي ته جي رياست کي ان ڳالھ جي سڌ ناهي ته اهي غريب، اٻوجھ ۽ ستايل ماڻهو جيڪي ڪنهن لائيف انڊيڪس ۾ نه ٿا اچن، جن وٽ رياست جو ماڻهوڇيڻو به نه ٿو لڙي وڃي ته اهي ڪهڙي حال ۾ آهن، آيا انهن وٽ پوري تعليم به آهي، انهن وٽ گيس، بجلي ۽ صحت جون بنيادي سڀ سهولتون به آهن يا نه. اهي ماڻهو ڪٿي ٽين دنيا جي لائيف اسٽائيل کان به گهٽ معيار وري زندگي گذران ٿا. انهن وٽ دنيا جي معيار جا ڪي اسڪول به آهن، اهي ماڻهو به ڪا اوليول ۽ اي ليول به نه ٿا سمجهن. وري ٻيو سوال اهو به آهي ته ڇا هڪ چونڊيل ليڊر ان قسم جي شاهدي ڏيندا جيڪا سڀ کان وڏي رياست جي طرفان پيدا ڪيل گندي سوچ ۽ بيڪار سياست کي ختم ڪري سگهي؟ جيڪا بلوچن جو وفاق ۾ اعتماد بحال ڪري سگهي، جنهن ۾ آئيني ۽ جمهوري بحاليون ۽ حڪم ناما جاري ٿي سگهن.
هن وقت تائين نوازشريف کان وٺي عمران خان، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو تائين سڀني مخالف ڌر ۾ رهي مظلوم بلوچن سان وڏي همدردي جو اظهار ته ڪن ٿا، پر ڇا جڏهن اهي ڌريون اقتدار ۾ هجن ٿيون تڏهن انهن ڪڏهن بلوچن جي زخمن تي ڪا مرهم پٽي ناهي رکي، يا هيل اهي انهن عورت اڳواڻن سان مليا به آهن، انهن سان ڪنهن قسم جي همدردي به ڪئي اٿن يا انهن مان ڪنهن هڪ به گم ٿيل بلوچن جي مائٽن سان هٿ ملائي ڪا آٿت به ڏني آهي؟ يا سِول سوسائٽي جي نمائندن به سندن درد جو درمان ۽ وچن به ڪيو آهي؟ يا انهن مان جڏهن ڪنهن هڪ وٽ به طاقت هجي ٿي ته ڇا ڪنهن بلوچن جي مسئلي کي مستقل حل جي بنياد تي ڪا ڪوشش به ڪئي آهي؟ پر بلوچ تحريڪن انهن سڀني ڌرين کي اوچتو پريشان ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سکڻا آسرا ڏيندا رهيا آهن. انهن سياسي ڌرين جي عدم دلچسپيءَ جو اندازو ان خوف مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته انهن سيڪيورٽي ادارن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي سندن اقتدار لاءِ رستو هموار ڪري سگهن ٿا يا جيڪي رياستي ادارا سياسي ڌرين جي راھ ۾ وڏا پٿر اڙائي سگهن ٿا، جيڪي کين اقتدار تائين پڄڻ ڏيندا به آهن يا ڪڏهن نه به. پر بلوچن سان ڪنهن به ناهي ڳالهايو، اتي اسٽيبلشمينٽ جي من پسند سياستدانن جو رڳو اهو چوڻ آهي ته بلوچن جو سندن ساحلي پٽي ۾ حصيداري نه ملڻ سان بلوچن ۾ سخت ڪاوڙ، مايوسي ۽ محرومي آهي، ڇو ته هو پنهنجن وسيلن تائين حقيقي مالڪي ماڻي پنهنجا معاشي، معاملا ۽ محروميون حل ڪرڻ چاهن ٿا.
پر ڳالهھ اها به آهي ته جيڪي سياسي ڌريون رڳو بلوچن کي رياستي طاقت جي آڙ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي چڪر ۾ هونديون آهن، جيڪي رات پيٽ ۾ ”باپ“ جهڙيون پارٽيون ٺاهي پنهنجي من پسند ڪٽ پتليون ٽائيپ سينٽ جا چيرمين، وقتي وزيراعظم ۽ چيف جسٽس رکي سگهن ٿيون، جيڪي ملڪ جي واڳ ضبط ۾ رکيون ويٺيون هونديون آهن، انهن کي ان ڳالھ جي ڪَل ناهي ته اهي ڪهڙيون طاقتون آهن جيڪي ملڪ اندر پنهنجي رياست جوڙي رڳو بلوچن جي نسل ڪشي پيون ڪن؟ يا رڳو انهن جي ”جاب“ اها آهي ته بي گناھ بلوچن کي ماري، چٿاڙي، چٻي، ساڙي گم ڪري انهن کي شناخت جهڙو به ڇڏجي. ڇا رياست انهن ادارن کان ناواقف آهي يا رياسي ڊرامي بازي آهي جو هو بلوچن جي حق تلفيءَ ۾ خوش آهن، سمجهن ٿا ملڪ ۾ بس هڪ صوبو آهي جنهن وٽ انهن جا نسل پروان چڙهن باقي ٻيا صوبا پون وڃي کڏ جي تري ۾.
اها ڳالهھ به مڃڻي پوندي ته بلوچ قوم پنهنجن سياستدانن ۽ نام نهاد اڳواڻ (جيڪي نالي جا آهن) انهن جي مٿان به هاڻي اعتبار نه ٿي ڪري. پر هاڻوڪين تحريڪن ۾ ڊاڪٽر ماھ گل جي اڳواڻي تسيلم ڪري ٿي. هن عورت ليڊرجي بهادري اها به آهي ته هن رياستي ڌرين کي لڪاريو آ ۽ مطالبو به ڪيو آهي ته اهي ڌريون جيڪي رياست کان ڏاڍيون آهن، اهي ايجنسيون جيڪي رياستي رِٽَ کان مٿانهيون ٿي ڪم ٿيون ڪن اهي سامهون اچن. اهي ڌريون جيڪي رياستي طاقت کان زور آهن رياست انهن سان به نبري. ملڪ ۾ صوبا چار آهن ۽ چئني سان هڪجهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. انهن سڀني صوبن ۾ رياست هڪجهڙائي ڪري ڏيکاري ۽ پنهنجي طاقت مڃرائي. رياست رڳو بلوچن جي وزيرن جا ووٽ نه ڳڻي پر اهي به ماڻهو ڳڻي جيڪي هن رياست جي ڪرڌرتا جا ضامن به آهن، جن جا ووٽ سينيٽ جا چيئرمين به آڻي سگهن ٿا، اهي ووٽ وزريراعظم جي بي اعتمادي واري رٿ ۾ به ڪم جا ٿي سگهن ٿا پر اهي اهڙي ڪا قرارداد نه ٿا آڻي سگهن جيڪا بلوچن جا گم ماڻهو ڳولهي سگهي. اهڙي ڪا رٿ پيش نه ٿا ڪن جنهن سان گمشدگيون گهٽ ٿي سگهن. اهڙي ڪا ڳالھ سينيٽ مان يا ڪنهن ايوانِ بالا مان مڃرائي نه ٿا سگهن جنهن سان بلوچن جي ڦٽن تي پَهو رکي سگهجي.
سو حڪمران ڍانچي ۾ موجود طاقتور ترين عنصرن تي اهو فرض لاڳو ٿو ٿئي ته هو ان اشوز جي جانچ پڙتال ڪن، انهن مسئلن جا مستقل حل ڳولهين ۽ ان محرومي جو ڪو علاج دريافت ڪن جنهن سان بلوچن جي سورن ۾ ڪجھ گهٽتائي اچي سگهي. ڪو به ادارو بلوچن جي حب الوطنيءَ کي چيلينج نه ٿو ڪري سگهي، ڪير اها دعوي نه ٿو ڪري سگهي ته جن بلوچن جي پيرن هيٺان گيس کسڪائي ٿي وڃي، جن بلوچن جي زمينن مان معدني دولتون ميڙئي رياست پنهنجا خرچ کاٻار ۽ آپريشنل ڪاسٽ ڪڍي ٿي وٺي، اهي غدار آهن. پر هاڻوڪين تحريڪن ۾ بلوچن جا ٻارٻچا ۽ عورتون مرڪز جي در تان بي يارومددگار موٽي آيا، جو بلوچن جا پنهنجا اڳواڻ به انهن جي مسئلن جي حل جي لاءِ نه ٿا نڪرن. پر هيل ان سڀني ڏتڙيل، لاچار، غريب، بي يارو مددگار ۽ بي وس ماڻهن جا وارث نڪري پيا، جيڪي عرصي کان انهن گمشدگين جي موت ماريا ويا آهن. جيڪي گم ٿيڻ کانپوءِ گهر ته پڄن ٿا پر ڪنهن تابوت ۾ يا ڪنهن ڍير تي چچري چچري اڇلايا ٿا وڃن، ڪنهن گمنام مورت ماريا ٿا وڃن، ڪنهن گهٽي ۾ اڇلايا ٿا وڃن، رات پيٽ ۾ اهي ٽارگيٽ ڪري يا ته ماريا ٿا وڃن يا انڪائونٽر ڪري موت جي ابدي ننڊ سمهاريا ٿا وڃن، جن جو پوءِ ڪو اوهي واهي نه ٿو هجي. اميد آهي ته چونڊن کانپوءِ جيڪا به عوامي حڪومت ٺهندي ۽ جڙندي اها هن سرڪار کان يا اڳين حڪومتن کان مڙئي ڪجھ مختلف هوندي جيڪا رياستي بحرانن حل ڪندي، بلوچستان ۾ امن آڻيندي، کين بااختيار بڻائيندي، انهن کي ٻين صوبن وانگي بنيادي حق ڏياريندي، کين ٻين صوبن جي ماڻهن وانگي ماڻهو سمجهندي، کين هن انساني بحران مان ٻاهر ڪڍندي. انهن بحرانن کي رياست هڪ نازڪ امتحان سمجهي نبيري ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت بلوچن جي جمهوري ساک کي قبول ڪري ته جيئن بلوچن جون محروميون ختم ٿين.