آمريڪا ۾ فوجي هيليڪاپٽر تباهه، 5 ڄڻا فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪِري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
آمريڪي فوج موجب سان ڊياگو جي جبلن ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ گم ٿيل 5 فوجين جي موت جي تصدقي ڪئي وئي آهي.
اڱاري جي ڏينهن اختيارين ٻڌايو هو ته CH-53E سپر اسٽالين هيلي ڪاپٽر لاس ويگاس ٻاهران ڪريچ ايئرفورس بيس تان تربيت بعد سان ڊياگو ۾ ميرين ڪور ايئر اسٽيشن ميرامار تي واپس ايندي گم ٿي ويو هو.
اختيارين موجب فوجي هيليڪاپٽر تربيتي اڏام تي هو، هيليڪاپٽر حادثي جي جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.