افغان زمين کان پاڪستان کي خطرو آهي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ جون شاهديون افغان حڪومت سان شيئر ڪيون آهن، هنن ڪجهه مسئلن کي قبول به ڪيو آهي.
افغان ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ انوارالحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته اسان فوجي ۽ انٽيليجنس شاهديون افغان حڪومت سان شيئر ڪيون آهن، اسان ڪڏهن به افغان حڪومت تي پاڪستان کي نقصان رسائڻ جو الزام ناهي لڳايو، آئون هاڻي به اهو چوان پيو ته افغان زمين سان پاڪستان کي خطرو آهي.
هن چيو ته منهنجي ذاتي يال ۾ افغان حڪومت کي اڃا وڌيڪ وقت ڏيڻ گھرجي ته جيئن افغان حڪومت جو افغانستان جي مڪمل علائقي تي ڪنٽرول ٿي وڃي، امارت اسلاميه جو ڪنٽرول اڃا پوري ملڪ تي نظر نه پيو اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.