چونڊ واري ڏينهن ڪوئيٽا ۾ بدامني جا تقريبن 30 واقعا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) چونڊ واري ڏينهن بلوچستان ۾ بدامني جا تقريبن 30 واقعا پيش آيا.
گوادر، خاران، پنجگور، زيارت، ڪوهلو ۽ ڪيچ ۾ واقعا پيش آيا، جن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿيا.
رپورٽن موجب سڀ کان وڌيڪ واقعا گوادر ۾ پيش آيا، جن ۾ آءِ ڊي بلاسٽ، دستي بم حملا ۽ فائرنگ جا واقعا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.