پاڪستان علماءِ ڪائونسل جو عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ تي ڪارروائي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءِ ڪائونسل ملڪ جي مختلف حصن ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان علماءِ ڪائونسل موجب عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيندڙ خلاف فوري طور ايڪشن وٺڻ گهرجي، جن پولنگ اسٽيشنز تي عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو، اتي نتيجا روڪيا وڃن.
پاڪستان علماءِ ڪائونسل چيو آهي ته شريعت ۽ ملڪي قانون عورتن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏئي ٿو، اليڪشن ڪميشن فوري طور مداخلت ڪري، جتي عورتون ووٽ نه ڏئي سگهيون، اتي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.