ٽانڪ (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ شرپسند فرار ٿي ويا.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته ٻنهي زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.