سنڌ جو عوام پنهنجي ڏکن کي ياد ڪري تقدير جو فيصلو ڪري: قادر مگسي

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي  عام چونڊن ۾ ووٽ ذريعي پنهنجي تقدير لاءِ بربادي تباهي بدران ترقي ڏانهن اڳتي وڌڻ جو پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو، ڊاڪٽر قادر مگسي بلڙي شاھ ڪريم جي سعيد پور ٽڪر ، ملاڪاتيار ، سعيد متو ستر موري،  مويا، آبادگار شوگر ملز چوڪ، ڪپور موري، جاڙا واھ، جنهاڻ سومرو ، ڏاڏون شهر، جهنگ ڪاتيار، هيرڻ جاگير  ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين عوامي جلسن ميڙاڪن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي ماضي جي برساتي تباھڪارين ٻوڏ ۾ حڪومتي لاپرواهي جي ڪري لکين انساني جانيون ضايع ٿيڻ، گهرن کان بي گهر ٿي وڃڻ، کين ماني ڳڀي لاءِ پريشان ڪرڻ ، عالمي ادارن کان مليل اربين روپين جي امداد ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙ ڪرپٽ راشي ٽولي جو احتساب ڪرڻو پوندو ، يا وري خاموشي سان پنهنجي تباهي قبول ڪرڻي پوندي، ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، حيدر ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، مختلف برادرين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اليڪشن ۾ ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.