مان اُمِ رُباب سَنڌ ڄاوَن پنهنجن ڀائِرن سان مخاطِب آھيان…

مُنهنجا ڀائِرو !

يقيناً اِهيو تَڪليف ده مَرحلو هُوندو ته  ڪنهن جو خانَدان اُجڙي وڃي، هِڪ پيءُ ۽ ٻِن پُٽن جا لاش ڪِرن دَرخواست کَڻي ٿاڻي وڃجي ته  ڪو ايف آءِ آر داخل نه  ڪري ٽِن لاشن جي ايف آءَ آر لاءِ پنهنجي جِگر گوشَن جا لاش کڻي ،ڌرڻا هَڻڻا پَون، ڪيس داخِل ٿَئي ته  ڪو ڪيس نه  ٻُڌي، ورهين گزري وڃَن اِنصاف نه  مِلي سوچيو ته  هِن ڌرتيءَ جو ساڌُو ڪيڏو مجبور آھي ۽ قاتِل رهَزن ڪيڏو طاقتوَر آھي، ڀَڳت ڪبير چيو آهي ته

‏کبیرا تیرے جگت میں ، الٹی دیکھی رِیت

پاپی بیٹھا راج کرے اور سادھو مانگے بھیک

مُنهنجا ڀائِرو!

اَٺ فيبروري تي پَنهنجو ووٽ ڏيڻ وَقت ٿورو سوچجو ضرور ته ڪِٿي توهان ڪِنهن قاتل رهزن کي وڌيڪ طاقتور ته  نه  پيا ڪَريو؟

هِڪ ڀيرو ٻيهَر سوچجو وري اهي ڪَنهن اُمِ رُباب جو خاندان ڪُهندا وَري اهي ڪوڙا جمهوريت جا دعويدار انهن جا ڀَرجهلا ٿيندا، وري هيءَ نظام اُن ام رباب جي راھ ۾ رڪاوٽ وجهندو ۽ قاتل رهزن ان نياڻيءَ ڏانهن ڏسي مُڇون وٽيندا.

مُنهنجا ڀائِرو!

ووٽ ڏيڻ وقت اهيو ضرور سوچجو ته نَسلن کان توهان هِن جاگيرداري جا غُلام ڇو آھيو، توهان جا ٻَچا توهانجون نياڻيون ڇو نه  سُک جو ٽُڪر کائي سگهيون.هر ڀيري توهان ئي ڇو ٻُڏو ٿا، پنهنجي ٻچن جي پيرن جي چپل نه  وٺي سگهڻ وارا، توهان ڪنهن جي تاحيات تخت جا دعاگو ڇو آھيو؟ اچو ته  پنهنجي پاڻ کان سوال ڪريون، اچو ته  هِن جاگيرداري خلاف ووٽ ڏيون، سنڌ کي سرداري نظام مان آزاد ڪريون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.