پي ٽي اَي چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ بابت اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) چونڊ واري ڏينهن ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪوڪت چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بند نه ڪندي، اليڪشن واري ڏينهن واهپيدارن کي انٽرنيٽ جي مڪمل سهولت حاصل هوندي.
پي ٽي آءِ موجب، حڪومت طرفان انٽرنيٽ جي بندش بابت ڪنهن به قسم جو هدايتون ناهن مليون.
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي ڪيئي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ملڪ ۾ عام چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ سروس بند رهندي جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ به حڪم جاري ڪيا هئا ۽ اليڪشن واري ڏينهن ملڪ ۾ بنا وقفي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جاري رکڻ جو منع نامو برقرار رکيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.