ملڪ جون تقريبن 17 هزار پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 30 هزار حساس قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 29 هزار 985 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
اختيارين موجب پولنگ اسٽيشن تي امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پريزائيڊنگ آفيسرن کي پهرئين درجي جي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته حساس ترين پولنگ اسٽيشنز ٻاهران پاڪ فوج مقرر هوندي.
هوڏانهن اختيارين جو چوڻ آهي ته اليڪشن جي ڏينهن ڪٿي به انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.