بلوچستان: پشين ۽ قلعي سيف الله ۾ چونڊ آفيسن ٻاهران ڌماڪا، 30 ڄڻا مارجي ويا

پشين ( ويب ڊيسڪ )عام چونڊن کان اڳ ڏينهن اڳ بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ چونڊ آفيسن ٻاهران ڌماڪا ٿيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 30 ڄڻا مارجي ويا ۽ 46 زخمي آهن.
تازن اطلاعن موجب، بلوچستان ۾ بم ڌماڪن ۾مارجي ويلن جو انگ ٽيهه ٿي ويو آهي جڏهن ته 46 ڄڻا زخمي آهن.
بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ آزاد اميدوار ۽ قلعي سيف الله ۾ جي يو آءِ ( ف ) جي اميداور جي چونڊ آفيسن ٻاهران ڌڪاڪا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته پهريون ڌماڪو پشين جي علائقي خانوزئي پي بي 47 جي آزاد اميدوار اسفند يار ڪاڪڙ جي آفيس ٻاهران ڌماڪو ٿيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي آهي.
خانوزئي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ تصديق ڪئي ته ڌماڪي کانپوءِ 17 ڄڻن جا لاش ۽ 30 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي جنهن ۾ گهڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
بلوچستان جي ضلعي قلعي سيف الله ۾ ٻيو ڌماڪو ٿيو جتي جي يو آءِ ( ف ) جي آفيس ٻاهران ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ڪيئي زخمي ٿي پيا آهن.
ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ موجود موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته فائربريگيڊ عملو به موقعي تي پهچي ويو .
بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي چيو ته خانوزئي ۽ قلعي سيف الله ۾ افسوسناڪ واقعا ٿيا، خانوزئي ڌماڪو آپگهاتي نه هو، ڌماڪيدار مواد موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو.
بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي موجب، قلعي سيف الله ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ اميدوار مولانا عبدالواسع محفوظ رهيو.
ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پشين ۾ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.