النمرا ڪاليج جي باصلاحيت شاگردن کي اسڪالرشپ سميت ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ روزگار ڏينداسين: ناز بلوچ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ ناز بلوچ چيو آهي ته ڪراچي ۾ پورو پاڪستان آباد آهي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجي، پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، باصلاحيت طبقو ملڪ جو روشن مستقبل آهي اهڙي خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي النمرا ڪاليج آف نرسنگ هيلٿ سائنس ” اورٽيشن “ ( ويلڪم پارٽي ) تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو.
پ پ اڳوڻ ناز بلوچ النمرا ڪاليج آف نرسنگ هيلٿ سائنس ” اورٽيشن “ ( ويلڪم پارٽي ) ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن النمرا ڪاليج آف نرسنگ جي ڪاوشن کي ساراهيو نون شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد پيش ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي ناز بلوچ چيو ته پ پ سدائين باصلاحيت نوجوانن جي فلاح بهبود لاءِ عملي ڪم ڪيو آهي، نرسنگ واري شعبي ۾ النمرا ڪاليج مان تربيت يافتا شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ ملڪ اندر ۽ پرڏيهه ۾ روزگار فراهم ڪنداسين.
النمرا ڪاليج آف نرسنگ جي باني ۽ ايم ڊي محمد اسلم خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نون شاگردن کي ڀليڪار چئون ٿا، هي ٽيون بيچ آهي ۽ خوشي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جيڪو نرسنگ جو فقدان آهي ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ آهي.
هن چيو ته سندن ڪاليج ۾ ميڊيڪل جي شعبي سان سلهاڙيل ماهر استادن جي مڪمل ٽيم موجود آهي سموري ملڪ مان شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهڻ اچن ٿا، شهرِ قائد ۾ پرائيويٽ ڪاليج نرسنگ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ان موقعي تي چيئرمين حاجي نواب، وائس چيئرمين ايم اسماعيل، پرنسپل سيد عبدالله، وائس پرنسپل فرزانا ملڪ، محبوب الرحمان، جهانگير خان، ايم ايوب خان ۽ ٻئي اسٽاف سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو.
تقريب سينيئر شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، جڏهن ته شاگردن آگاهي پيغامن تي خاڪا پڻ پيش ڪيا، جڏهن ته تقريب جي ڪمپئرنگ جا فرض استاد اعزاز خان ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.