فيسبڪ ۽ انسٽاگرام ۾ اي آءِ تصويرن تي ليبلز لڳائڻ جو فيصلو

ميٽا پاران فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٿريڊز تي پوسٽ ٿيندڙ اي آءِ تصويرن تي ليبل لڳايا ويندا، ته جيئن واهپيدارن کي ان جي حقيقت جي خبر پئجي سگھي.

ميٽا پاران اڳ ئي ان جي اميجن اي آءِ انجڻ سان تيار ڪيل مواد تي ليبلز ۽ واٽر مارڪ جو اضافو ڪيو ويندو آهي.

پر مستقبل ۾ ٿرڊ پارٽي ذريعن جهڙوڪ اوپن اي آءِ، گوگل ۽ ٻين سان تيار ڪيل تصويرن تي به ليبلز جو اضافو ڪيو ويندو.

اڃا مڪمل طور تي اهو ته واضح ناهي ته اهي ليبلز ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندا پر م ميٽا جي بلاگ پوسٽ ۾ جيڪي تصويرون پوسٽ ڪيون ويون آهن، انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهڙين تصويرن تي اي آءِ انفو جا لفظ لکيل هوندا.

ميڊيا موجب اڃا اها ڊزائين حتمي ناهي ۽ جيستائين ان کي باضابطا طور تي متعارف ڪرايو ويندو ته ان ۾ تبديلي ٿي سگھي ٿي.

Meta Will Label AI Images Across Facebook, Instagram, & Threads

بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ليبلز سان گڏوگڏ اهڙن ٽولز تي به ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪي ٿرڊ پارٽي اميج جنريٽرز جي تصويرن تي موجود واٽر مارڪ کي سڃاڻي سگھندا.

في الحال رڳو اي آءِ تصويرن لاءِ اها پاليسي لاڳو ٿي رهي آهي ۽ ميٽا اعتراف ڪيو آهي ته اڃا اهڙي ٽيڪنالاجي نه آهي جنهن سان اي آءِ ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيل آڊيو ۽ وڊيو جي سڃاڻپ ڪري سگھجي.

ان حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته واهپيدارن تي زورڏنو ويندو ته هو اي آءِ آڊيو يا وڊيو فائل اپ لوڊ ڪندي اهو واضح ڪن ته کين اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ميٽا پاران اي آءِ تصويرن جي روڪٿام گمراهه ڪندڙ مواد کي وائرل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.