رونتي: گهرو اڻبڻت تان وحشي مڙس هٿان زال قتل

رونتي ( رپورٽر شيرا احمد ) گهوٽڪي جي اي ڊي سي ڪالوني ۾ وحشي صفت مڙس گهرو اڻبڻت تان ڇري سان ڳلو ڪپي پنھنجي زال کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.

گهوٽڪي جي وسير پاڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان عبدالقادر وسير پنهنجي 55 ورهين جي زال گلشن وسير کي ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب،واقعو گهرو اڻبڻت سان پيش آيو، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.