سڪرنڊ ۾ جي ڊي اي جو عوامي طاقت جو مظاهرو، اسٽيبلشمينٽ پ پ کي اسان مٿان مڙهيو: زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ۾ جي ڊي اي پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو، هزارين عورتن ۽ مردن جي شرڪت، جلسي کي اين اي 208 ۽ پي ايس38  تي اميدوار سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته اسٽبلشمينٽ جو آصف زرداري سان ٺاهه ٿيو ۽ اسان مٿان هنن کي مڙهيو ويو، سالن کان جيڪي اسٽبلشمينٽ ڪٺ پتليون پيدا ڪيون جيڪي اڄ تائين انهن جي اشاري تي هلن ٿا ملڪي معيشت جي تباهي آصف زرداري ڪئي آهي جن ماڻهن کي جيلن ۾ هئڻ گهرجي اهي ملڪ مٿان حڪمراني ڪري رهيا آهن، سنڌ جي نمائندن 15 سالن ۾ سنڌ کي ڇا ڏنو جيڪي اسڪيمون اچن ٿيون انهن جو اڌ کان گهڻو حصو کائي وڃن ٿا، روينيو، پوليس، لوڪل گورنمينٽ سميت ٻيا کاتا سڀ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، صوبائي اسيمبلي گندو قانون پاس ڪيو جنهن سان ڪير ڪٿان به اچي سنڌ ۾ ڊوميسائيل ٺهرائي سگهي ٿو،سنڌ جون زمينون ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو، آصف زرداري سنڌ جي تباهي جو ٺيڪو کڻي آيل آهي، سنڌ جي نوجوانن ۽ سنڌ جي نياڻين کي انهن مان جان ڇڏائڻي پوندي. پولنگ اندر يا ٻاهر جتي به ڌانڌلي يا غلط ٺپا لڳايا ويا ان جي رستا روڪ ڪنداسين، سنڌ جا وڏيرا هاڻ خون وهائڻ بند ڪن. جڏهن به سنڌ جو سودو ٿيو ته اتي پيپلز پارٽي جي ميمبرن اکيون ٻوٽي صحيحيون ڪيون. زمينن خاطر سنڌ جي ماڻهن ۽ مظلوم ڀنڊن جو قتل ڪرايو ويو.،سنڌ ۾ هاڻ جتي به بي گناه قتل ٿيويا ناانصافي ته انهن سان مهاڏو اٽڪايو ويندو، بي ايمان حڪمرانن جي سرپرستي بند ٿيڻ گهرجي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير محب خان جمالي، فقير رحيم بخش سنجراڻي، فقير نظام الدين سنجراڻي ، زين ڀٽو ،  امير ٿيٻو ، عورت اڳواڻ تبسم کوسو، اسلم ڪوريجو ، مسلم ليگ ن اڳواڻ امجد خانزاده، جمعيت العلماءِ اسلام جي عبدالرشيد پرهياڙ ، عبدالقيوم چنه ۽ ٻين جلسي عام کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.