اي ايم ايس کي اپ گريڊ ڪيو ويو، تجربا ڪامياب رهيا آهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(م ڊ) ڊي جي آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن خضر حيات جو چوڻ آهي ته اليڪشن  مئنيجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) جي ٽيڪنالاجي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين ٽرائلز تي اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم جي ڪارڪردگي تسلي بخش آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن خضر حيات چيو ته اڳ به چونڊن ۾ اي ايم ايس جو استعمال ٿيو آهي، پرزائيڊنگ آفيسر اي ايم ايس ذريعي نتيجا ريٽرننگ آفيسر کي موڪليندو، جيڪڏهن نتيجن جي منتقلي ۾ جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيو ته پرزائيڊنگ  آفيسر نتيجن کي ذاتي طور تي آر او کي پهچائيندو. خضر حيات چيو ته اي ايم ايس نتيجن ۾ ڪنهن به تبديلي جي فوري طور تي پتو لڳائيندو.  هارون شنواري موجب اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم آف لائن ۽ آن لائن ڪم ڪندو، شڪايتون داخل ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو واٽس ايپ استعمال ڪيو پيو وڃي، اي ميل ۽ يونيورسل فون نمبر تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون، صوبائي تڪن ۾ چار ڪنٽرول روم پڻ آهن. چونڊن جي نگراني لاءِ 32 ريجنل مانيٽرنگ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.