لاڙڪاڻو/ ميرو خان (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته جي ڊي اي پاران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي حمايت جو اعلان سنڌ ۾ الڳ صوبي جي حمايت جو اعتراف آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻهراڙي واري سنڌ جي ماڻهن جو شهري سنڌ تي قبضو نامنظور ھجڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اکيون ڏيکارڻ بند ڪري، ميروخان جي مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته جيڪو سنڌ جي ورهاست ۽ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪندو يا ڪا جماعت سندن ساٿ ڏيندي اُهي سنڌ جي عوام کان پادر کائيندا، ڪراچيءَ ڪنهن جي جاگير ناهي ان لاءِ ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ وارو فرق بند ڪيو وڃي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، ٻهراڙي جي علائقن جي ماڻهن کي گار نه ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اِهي سنڌ جا ئي ماڻهو آهن جن توهان کي دل ۾ جاءِ ڏني، سنڌ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جي سيني تي سنڌ جا ماڻهو مڱ ڏريندا، سنڌ جي ورهاست جي سازش ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان گڏ جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ ن برابر جي شريڪ آهي ۽ هُو سنڌ جي عوام ۽ پيپلز پارٽي دشمني ۾ هڪ لساني جماعت سان گڏجي سنڌ دشمني جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جي ڊي اي جو اتحاد ٽٽي چڪو آهي ان لاءِ جي ڊي اي پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سهارو ڳولي رهي آهي.
ڪراچي جي ٽن تڪن تي جي يو آءِ متحده جي حق ۾ دستبردار
ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي جي ٽن سيٽن تي جي يو آءِ (ف) جا اميدوار ايم ڪيو ايم جي حق ۾ دستبردار ٿي ويا آھن، اھڙو سلسلو سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ نھ پر قومي اتفاق راءِ لاءِ ڪيو پيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاران ھم خيال پارٽين سان ويجھڙائي واري سلسلي کي برقراررکيو پيو وڃي.اھڙو سلسلو مولانا فضل الرحمان جي سھڪار تحت اين اي 244، پي ايس 116 ۽ پي ايس 117 تائين وڌي رھيو آھي. ھن چيو تھ اين اي 244 تي ان جي حق ۾ جي يوآءِ جي اميدوار يونس قاسمي ھٿ کڻي ويو آھي. پي ايس 116 تان جي يو آءِ اميدوار سميع سواتي ايم ڪيو ايم جي حق ۾ ھٿ کنيو آھي، جڏھن تھ پي ايس 117 تان مصطفيٰ برڪي ايم ڪيو ايم جي حق ۾ ھٿ کنيو آھي. فاروق ستار جو چوڻ آھي تھ چونڊن کان پوءِ ھڪ مضبوط حڪومت قائم ڪنداسين، اتحادين سان گڏ وفاق ۽ سنڌ ۾ مستحڪم حڪومت قائم ٿيندي. ھن چيو تھ اھا تمام وڏي ڳالھھ ھوندي تھ جي يو آءِ جا ھزارين ووٽر لغڙ تي مھر لڳائيندا. ھن چيو تھ ڪراچي جي ترقي ۾ ھرٻولي ڳالھائيندڙن جي سياسي پارٽين جا ھٿ مضبوط ڪري رھيا آھيون
پاڪستان ۾ تشدد ۽ ميڊيا تي پابندين تي ڳڻتي آهي:آمريڪا
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ تشدد وارن واقعن ۽ ميڊيا تي پابندي تي ڳڻتي آهي، پاڪستانين کي بغير خوف جي پنهنجا اڳواڻ چونڊڻ جو حق حاصل آهي،ديدانت پٽيل چيو ته پاڪستان جي چونڊ عمل جي نگراني ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته اظهار راءِ جي آزادي هجي، انٽرنيٽ جي آزادي ۽ اظهار راءِ ۾ رڪاوٽ تي شديد ڳڻتي آهي