حڪومت اليڪشن دوران سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن بابت انتظام مڪمل ڪري ورتا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهن، عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته سيڪيورٽي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين حصي ۾ پوليس، ٻئي ۾ رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا، سيڪيورٽي جي ٽين ٽيئر پاڪستان آرمي وٽ هوندي.
هن ٻڌايو ته سموري ملڪ ۾ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ شهري ووٽ ڏئي سگهندا، ڇهه ڪروڙ نوي لک مرد ۽ پنج ڪروڙ نوي لک کان وڌيڪ عورت ووٽرز رجسٽرڊ آهن.
هن چيو ته 2008 ۽ 2013 ۾ اليڪشن وقت ملڪ ۾ دهشتگردي هئي، طالبان جي ڪابل تي ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي، القاعدا ۽ ٽي ٽي پي افغانستان کي محفوظ پناهه گاهه طور استعمال ڪن ٿا پر اليڪشن پرامن ٿيندا ان جي خاطري ڪرايان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.