حڪومت پاڪستان ۾ غيرقانوني رهندڙ افغان پناهگيرن بابت اهم فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت غيرقانوني طور پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن بابت اهم فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا تيرنهن لک غيرقانوني پناهگيرن جي قيام ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيفران وزارت جي سمري تي پروف آف ريذيڊنس ڪارڊ ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي، افغان پناهگيرن جي قيام ۾ مارچ 2024ع تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، ڪابينا ڊويزن ان کان اڳ سيفران وزارت جي سمري تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي پر افغانستان بابت ڪو آرڊينيشن سيل جي سفارش تي غير قانوني پناهگيرن جي قيام ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان، افغان حڪومت جي درخواست تي افغان پناهگيرن جي قيام جي مدي ۾ واڌ ڪئي آهي، واڌ جي منظوري نه ملڻ سبب پناهگيرن جو قيام غيرقانوني ٿي چڪو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.