حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي ڪيرائي ڇڏي، نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 56 پيسا في يونٽ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پڌرائي موجب، بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڊسمبر مهيني ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
بجلي جي اگهن ۾ واڌ بعد عوام مٿان 39 ارب 80 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن صارفين تي نوان اگهه لاڳو نه ٿيندا.
نيپرا پڌرائي موجب، بجلي واهپيدارن کي فيبروري ۾ واڌو ادائگيون ڪرڻيون پونديون.
ياد رهي ته نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي چار رُپيا 13 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.