گذريل ڏينهن مئل قرار ڏنل پونم پانڊي اڄ زنده ٿي وئي!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل پونم پانڊي پنهنجي موت بابت خبرن هڪ مهم قرار ڏيندي انهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
اداڪار ڇنڇر جي ڏينهن سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته ” بدقسمتيءَ سان هوءَ انهن هزارين عورتن بابت نه ٿي ڳالهائي سگهي جيڪي سروائيڪل ڪينسر سبب پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويهن ٿيون“.


اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ” اِهي عورتون انڪري ناهن مرنديون ته هو ڪجهه ڪري نه ٿيون سگهن پر ان ڪري حياتي وڃائي ويهنديون آهن ڇو ته کين پتو ناهي هوندو ته بيماري جي تصديق کانپوءِ ڇا ڪرڻو آهي“ .
اداڪارا پنهنجي بيان ۾ چيو ته ” هوءَ ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ته ٻئي ڪينسر جيان هن ڪينسر جو به علاج آهي، پر ان لاءِ ٽيسٽ ۽ ان جي ويڪسين ڪرائڻ ضروري آهي ۽ اسان کي اِها خاطري ڪرڻي آهي ته ڪينسر وگهي وڌيڪ زندگين جو زيان نه ٿيندو“ .
اداڪارا هڪ ٻي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي جي ڪوڙي خبر پکيڙڻ تي عوام کان معافي ورتي ۽ ٻڌايو ته سندس موت جي خبر دنيا کي ٻڌايو ته سروائيڪل ڪينسر ڇا آهي ۽ ان ۾ مبتلا مريض ڪيئن خاموشي سان موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Poonam Pandey (@poonampandeyreal)


واضح رهي ته اداڪارا پونم پانڊي سروائيڪل ڪينسر ۾ مبتلا آهي ۽ گذريل ڏينهن ادڪارا جي موت جي تصديق سندس ٽيم طرفان سندس آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.