ڪراچيءَ ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته نئين اولهه لهر بلوچستان ۾ داخل ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ 3 ۽ 4 فيبروري تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي 2 کان 3 فيبروري دوران ڄامشوري، دادو، لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.