” 9 مئي جي تياري لال حويلي ۾ ٿي“ واثق قوم ۽ صداقت عباسي سلطاني شاهد بڻجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خلاف نوَ مئي سانحي جي ڪيسن ۾ پنجاب اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ اڳوڻي ايم اين اي سلطاني شاهد بڻجي ويا.
ذريعن موجب، پنجاب اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر واثق قيوم، اڳوڻو ايم اين اي صداقت عباسي ۽ عمر تنوير بٽ سلطاني شاهد بڻجي ويا آهن.
ذريعن موجب، صداقت عباسي، واثق قيوم ۽ عمر تنوير عدالت ۾ 154 وارو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوار اجمل صابر به شيخ رشيد خلاف سلطاني شاهد بڻجي ويو آهي.
اجمل صابر پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته شيخ رشيد ڇهه مئي تي لال حويلي ۾ اجلاس طلب ڪيو جتي نوَ مئي وارن واقعن جي رٿابندي ڪئي وئي هئي.
شاهدن پنهنجي بيان ۾ چيو ته 9 مئي وارن واقعن جي رٿابندي ۾ شيخ رشيد، راجا بشارت، راشد شفيق، اعجاز خان، راشد حفيظ ۽ پي ٽي باني عمران خان جي مرضي شامل هئي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اجمل صابر هن وقت نوَ مئي جي ڪيسن ۾ پوليس جي قيد ۾ آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان، شيخ رشيد ۽ راشد شفيق کي ڇهه فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.