پاڪستان ۾ عام چونڊون، گوگل، ٽڪ ٽاڪ ۽ فيسبڪ وڏو قدم کڻي ورتو

پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ هن ڀيري جي خاص ڳالهه ان جي انٽرنيٽ ڪوريج آهي.
حقيقت ۾ ڪجهه جماعتن پاران چونڊ مهم هلائڻ لاءِ جلسي يا ريلين بدران سوشل ميڊيا يا انٽرنيٽ جو استعمال وڌيڪ ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان ۾ چونڊن کان اڳ فيسبڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ گوگل پاران ماڻهن جي مدد لاءِ ڪجهه قدم کنيا ويا آهن.
انهن پليٽ فارمز جا قدم هيٺ بيان ڪجن ٿا.

گوگل

پاڪستان ۾ عام چونڊن جي موقعي تي گوگل پاران بيان جاري ڪيو ويو اهي ته جنهن ۾ انٽرنيٽ سرچ انجڻ پاران کنيل مختلف قدمن تي روشي وڌي وئي آهي.
ڪمپني موجب پاڪستان عوام 8 فيبروري تي ٿيندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ نمائندن جي چونڊ لاءِ ووٽ وجهندو. اسان حڪومت ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ته جيئن راءِ ڏيندڙن کي ڪم جي ۽ تصديقي ڄاڻ فراهم ڪري سگھجي ۽ پنهنجي پليٽ فارم کي غلط استعمال ٿيڻ کان به محفوظ رکي سگھجي.
گوگل سرچ: ڪمپين موجب گوگل سرچ ۾ اسان جي رينڪنگ سسٽمز کي تصديقي ڄاڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ چونڊن بابت ڄاڻ جا مختلف قسم فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
ڪمپني ٻڌايو ته گوگل هوم پيج تي اهڙيون لنڪس به فراهم ڪيو ويون آهن جيڪي ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ جو طريقو ۽ ووٽ ڏيڻ لاءِ رجسٽرڊ ڪرائڻ جو طريقو جهڙوڪ موضوع تي تصديقي ڄاڻ فراهم ڪن ٿا.
ان لاءِ اوهان https://www.google.com.pk/ تي وڃي Learn more on how to vote in the 2024 National Election تي ڪلڪ ڪري سگھو ٿا.
يوٽيوب: بيان ۾ ٻڌايو آهي ته يوٽيوب تي چونڊن بابت خبرن ۽ ڄاڻ جي حوالي سان مواد تجويز ڪندڙ اسان جو نظام تصديقي ذريعن کان حاصل ڪيل مواد کي نمايان طور تي پيش ڪري ٿو، جن ۾ هوم پيج تي مقامي ۽ قومي خبرن جا ذريعا، سرچ رزلٽس ۽ اپ نيڪسٽ (Up Next) پينلز شامل آهن ته جيئن ماڻهن کي چونڊن جي حوالي سان معياري خبرون ۽ ڄاڻ تائين پهچ حاصل ٿي سگھي.
گوگل ٽرينڊز: گوگل پاران پاڪستاني چونڊن جي حوالي سان هڪ گوگل ٽرينڊ پيج به متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جي لنڪ هيٺ ڏجي ٿي.
https://trends.google.com/trends/story/US_cu_f94J7IwBAAD6sM_en
ان پيج ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ جماعتن بابت تفصيل موجود آهن.
ڪمپني موجب ان صفحي تي ملڪ جي هر حصي ۾ چونڊن بابت سرچ ٿيندڙ اهم موضوع مثال جي طور تي معيشت، ٽيڪس ۽ اُجرتن جا انگ اکر به شامل آهن.
ڪمپني ٻڌايو ته اهو ڊيٽا ان بابت انوکا تفصيل فراهم ڪري ٿو ته ماڻهو ڇا سرچ ڪري رهيا آهن.
گوگل نيوزانيشيئيٽو: گوگل موجب ڪمپني پاران صحافين کي خبرن جي ڪوريج دوران صحيح وسيلن سان ليس ڪرڻ لاءِ ورڪشاپس جو هڪ سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.
انهن ورڪشاپس ۾ صحافين کي خبرن جي تصديق، ڊجيٽل سيڪيورٽي ۽ گوگل ٽرينڊز جو استعمال ڪرڻ لاءِ ٽولز بابت تربيت ڏني وڃي ٿي.

ٽڪ ٽاڪ

ٽڪ ٽاڪ ان حوالي سان جنوري جي آخري ڏهاڪي ۾ هڪ بيان جاري ڪيو هو.
ان بيان ۾ چيو ويو هو ته ٽڪ ٽاڪ پاران ڪميونٽي گائيڊلائينز کي نظر ۾ رکندي غلط ڄاڻ، تشدد ۽ نفرت جوڳي مواد کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط قدمن کنيا پيا وڃن.
بيان موجب ٽڪ ٽاڪ جون پاليسيون اهڙا مواد کان منع ڪن ٿيون جيڪي ووٽرن کي ڌمڪائڻ، ووٽنگ جي عمل کي روڪڻ يا تشدد تي مڇرائي ٿو.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو هو ته غلط ڄاڻ کي روڪڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ مقامي ۽ علائقائي فيڪٽ چيڪرز سان گڏ پليٽ فارم تي لاڳيتو ۽ درست طريقي سان چونڊن بابت غلط ڄاڻ هٽائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو، اهڙيءَ طرح جي مواد کي فاريو فيڊ لاءِ تجويز ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي جڏهن ته ويوز ۽ تخليقڪارن کي اهڙي مواد جي امڪاني گمراهه ڪندڙ نوعيت بابت الرٽ ڪيو ويندو آهي.
ٽڪ ٽاڪ پاران ان حوالي سان جلد پاڪستان اليڪشن سينٽر به متعارف ڪرايو ويندو.
ان مرڪز سان واهپيدارن کي ووٽنگ جي طريقيڪار ۽ لوڪيشنز سميت ٻي تصديقي ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم موجب ٽڪ ٽاڪ حڪومت، سياستدانن يا سياسي جماعت سان واسطو رکندڙ اڪائونٽس لاءِ پاليسيون واضح ڪيون آهن، جيڪي اشتهار، فنڊ ريزنگ يا ٽڪ ٽاڪ monetization ٽولز ذريعي رقم ڏيندڙ يا وصول ڪرڻ جي اهليت ختم ڪري ڇڏي ٿي.

فيسبڪ

فيسبڪ اڃا وڌيڪ قدم ته ناهن کنيا پر پاڪستان ۾ عام چونڊن جي حوالي سان هڪ لنڪ ضرور شيئر ڪئي آهي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ تي واهپيدار جي آڏو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو فيسبڪ پيج کُلي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.