حڪومت جو ڪڻڪ جي درآمد تي پابندي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي درآمد تي پابندي جو فيصلو ڪري ورتو.
حڪومتي ذريعن موجب ملڪ ۾ اٽي جا اگهه مستحڪم ۽ ذخيرا ضرورت موجب موجود آهن، اي سي سي به ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي کي ڪڻڪ جي طلب ۽ پهچ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، اي سي سي طلب ۽ پهچ ۾ استحڪام تي نيشنل فوڊ وزارت جي قدمن کي ساراهيو ۽ سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي درآمد روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب ملڪ ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، تنهن ڪري وڌيڪ درآمد نه ڪئي ويندي، نه ئي ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي ڪڻڪ درآمد جي ضرورت آهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي سي پي تازو هڪ لک 10 هزار ٽن ڪڻڪ درآمد جو ٽينڊر جاري ڪيو هو.
اختيارين موجب هلندڙ سال ڪڻڪ جو پيداواري هدف 32.1 ملين ٽن حاصل ڪيو ويندو، ڪڻڪ جي پوکي مقرر هدف کان 1.8 سيڪڙو وڌيڪ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.