ويرات ڪوهلي ” ڪنگ “ ۽ منهنجو ” آئيڊيل آهي“ : بابر اعظم

ڍاڪا( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽر بابراعظم اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي پنهنجو آئيڊيل قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستاني بيٽر بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جي ” آسڪ ايس آر ڪي “ جي طرز تي ” آسڪ بابر اعظم“ هيش ٽيگ تحت سوشل ميڊيا تي مداحن لاءِ گفتگو وارو خاص سيشن رکيو.
ان سيشن دوران بابر اعظم، پنهنجي ڪيريئر جي لاهن چاڙهن، قومي ٽيم جي ڪپتاني، يادگار ۽ برن ڏينهن جو ذڪر ڪيو.
ان دوران ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪوهلي سندس آئيڊيل آهي ۽ هو پنهنجي ” ڪنگ ڪوهلي “ جي خطاب جو حقدار آهي.
بابر اعظم پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ويرات ڪوهلي مون کان بهتر آهي، هن وٽان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هو بهترين آهي.
ان کانسواءِ عالمي ڪرڪيٽ ۾ هو ڪنهن سان بيٽنگ ڪرڻ چاهيندو؟ واري سوال تي جواب ۾هن ڏکڻ آفريڪي ليجنڊري بيٽر اي بي ڊيويليئرز جو نالو کنيو، بابر چيو ته سندس خلاف کيڏي چڪو آهيان پر ساڻس گڏ کيڏڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.