”حڪيم راڻا ثناءُ الله اهڙي حڪمت ڏيکاري جو نه بيمار ٿو نظر اچي ۽ نه بيماري“

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اسان جي جماعت گارگند ۽ الزامن جي سياست ناهي ڪندي پر خدمت ۽ ڪارڪردگي تي يقين رکي ٿي.
فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته حڪيم راڻا ثناءُ الله اهڙو علاج ڪيو ۽ اهڙي حڪمت ڏيکاري جو نه بيمار ٿو نظر اچي ۽ نه بيماري، نه مرض ٿو نظر اچي ۽ نه مريض.
هن چيو ته ن ليگ بدتميزي جو مقابلو ناهي ڪندي، بدتهذيبي جو جواب ناهي ڏيندي، گارگند ناهي ڪندي، الزامن جي سياست ناهي ڪندي، ڪنهن کي چور ناهي چوندي، ن ليگ جيڪڏهن مقابلو ڪندي آهي ته خدمت ۾ ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته خدمت ۽ ڪارڪردگي ۾ ن ليگ جو ڪو مقابلو ناهي، اڻ پوري حڪومتن باوجود نواز شريف جي بيانن ۾ اهڙي ڪا سِٽ ناهي، جنهن سان قومي سلامتي داءَ تي لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.