اختيارين جي ناقص منصوبابندي، بار عوام تي، وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) چيو آهي ته بجلي ڪمپنين ۾ 781 ارب رپين جي سيڙپڪاري باوجود صورتحال بهتر نه ٿي، ناقص منصوبابندي سبب عوام تي بار پيو.
نيپرا پاور سيڪٽر جي اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2023 جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پهچ ورهاست ۾ نااهلي، ٻارڻ جي فراهمي پاور سيڪٽر جا وڏا مسئلا قرار ڏنا ويا.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پراڻا ۽ خراب ڪارڪردگي وارا پلانٽ مدو پورو ٿيڻ باوجود هلايا پيا وڃن، پاور سيڪٽر ۾ ڊگهي مدي جي منصوبابندي جي کوٽ آهي پر ان جو بار واهپيدارن تي نه وجهڻ گهرجي، گذريل سال مختلف وڏن شهرن ۾ 12-12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وئي.
نيپرا چيو آهي ته بجلي ڪمپنين ۾ 781 ارب رپين جي سيڙپڪاري باوجود صورتحال بهتر نه ٿي، بجلي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي مداخلت سان بهتري آڻي سگهجي ٿي.
رپورٽ موجب هڪ سال ۾ ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سان 20 ارب 26 ڪروڙ رپين، گئس ۽ ايل اين جي جي کوٽ سان مهانگا پلانٽ هلائڻ سان 164 ارب رپين ۽ پهچ نظام جي خرابين سان 20 ارب 20 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پيو.
نيپرا چيو آهي ته بهتر منصوبابندي سان عوام ان بار کان بچي وڃي ها.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2023 ۾ پهچ نظام جي خرابين سان 20 ارب 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بار پيو، جڏهن ته گذريل سال بجلي جا ٽاور ڪِرڻ جا 38 وڏا واقعا پيش آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.