مشهور هدايتڪار جي پٽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ۾ ڪاميابين جي جهنڊا کوڙيندڙ فلم ” ٻارهين فيل “ جي پروڊيوسر، هدايتڪار وڌو ونود چوپڙا جي پٽ ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
اگني چوپڙا گذريل مهيني رنجي ٽرافي پليٽ ليگ ۾ ميزورم لاءِ ڊيبيو ڪيو آهي، جنهن بعد هن پنهنجي پهرين چئن فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ مسلسل چار سينچريون اسڪور ڪيون آهن.
اگني چوپڙا اِهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي.
25 ورهين جو اگني مشهور هدايتڪار ۽ فلمساز وڌو ونود چوپڙا ۽ فلمي نقاد انوپما چوپڙا جو پٽ آهي.
اگني رنجي ٽرافي جي شروعاتي چئن ميچن ۾ ترتيبوار 166، 92، 164، 15، 10، 105 ۽ 101 رنسن جي اننگز کيڏي چڪو آهي.
نوجوان بيٽر ان ٽورنامينٽ سيزن دوران 95 ڏهائي 88 جي ايوريج سان اٺ اننگز ۾ 767 رنسن سان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته هن 111 ڏهائي 81 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان اِهي رنسون ٺاهين آهن جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مخالف بالرن تي ڪيترو حاوي آهي.
اگني جو چوڻ آهي ته هن کي ميزورم ٽيم ۾ سڀني ڀليڪار چيو، ڪڏهن به اِهو احساس ناهي ٿيو ته هو هڪ نئين پليئر طور هتي موجود آهي جڏهن ته ميزورم ٽيم کي ايليٽ ڊويزن تائين وٺي وڃڻ مقصد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.