جيڪڏهن اوهان ڪنهن موضوع بابت تصوير چاهيون ٿا ته سرچ ڪري ڳولڻ بدران ان کي گوگل بارڊ تي وڃي به تيار ڪري سگھو ٿا.
جي ها واقعي اوهان گوگل جي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي سان ليس چيٽ بوٽ کي تصوير بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا.
ڪمپني پاران بارڊ ۾ ٽيڪسٽ ٽو اميج فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو سڀني واهپيدارن کي ملندو.
اهو فيچر گوگل جي نئين diffusion ماڊل اميجن 2 تي ڪم ڪري ٿو ۽ ان سان تيار ٿيندڙ تصوير ڊجيٽل واٽر مارڪ هوندو.
ان اپ ڊيٽ کان پوءِ گوگل بارڊ به چيٽ جي پي ٽي ۽ مائڪرو سافٽ کي پائلٽ جيان اي آءِ تصوير بڻائيندڙ چيٽ بوٽس ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ڪمپني موجب اي آءِ تصوير ۽ انسانن جي تيار ڪيل آرٽ ورڪ وچ ۾ واضح فرق رکيو ويندو.
گوگل پاران ماڻهن جا نالا لکي تصوير بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ان پابندي جو مقصد ڊيپ فيڪ تصويرن جي تياري روڪڻ آهي.
اهو فيچر اڃا رڳو انگريزي هدايتن تي ئي ڪم ڪندو.
گوگل موجب ٽيڪسٽ ٽو اميج فيچر سان گڏوگڏ گوگل بارڊ ۾ اي آءِ ماڊل جيمنائي پرو جي سپورٽ به مختلف ٻولين ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي.
You might also like