ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پلان تيار ڪري ورتو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ معاشي پلان تيار ڪري ورتو آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته ملڪ کي مسئلن مان رڳو پ پ ڪڍي سگهي ٿي.
شڪارپور ۾ پ پ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ مخالف توهان کي نفرت جي سياست ۾ ورهائڻ چاهين ٿا، توهان کي مذهب، لسانيت ۽ قوميت جي بنياد تي ورهائڻ چاهين ٿا پر مان 8 فيبروري تي چونڊجي ورهاست ۽ نفرت جي سياست جو خاتمو ڪندس.
هن چيو ته اسان سازش جي سياست کي نٿا مڃون، مان وزيراعظم بڻجي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪندس، عوام کي اپيل ٿو ڪيان ته شڪارپور مان مون کي سئو سيڪڙو سيٽون ملڻ کپن.
سندس چوڻ هو ته اسان هڪ تاريخي معاشي بحران مان گذري رهيا آهيون، جنهن جي تدارڪ لاءِ اسان معاشي پلان تيار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.