فحش فلمون ڏسڻ تي پيءُ پٽ کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ پيءُ فحش فلمون ڏسڻ تي پٽ کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس ٻڌايو ته سولاپور واسي 14 ورهين جو ڇوڪرو پنهنجي موبائيل تي فحش فلمون ڏسندو هو ۽ پيءُ کي پٽ جي اسڪول مان شڪايتون ملي رهيون هيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته 14 ورهين جي پٽ وشال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پيءُ پهريان ته ان قتل کي پنهنجي زال ۽ پوليس کان لڪايو ۽ زال سان گڏ پٽ جي گمشدگي جي شڪايت پوليس ۾ داخل ڪرائي جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪئي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڪجهه ڏينهن کان پوليس کي ڇوڪري جو لاش وجهي ستو جي گھر جي ويجهو هڪ نالي مان مليو، پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ته مقتول وشال جي جسم ۾ سوڊيم نائٽريٽ (زهر) مليو جنهن کان پوءِ پوليس ڇوڪري جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس کي جاچ دوران مقتول جي پيءُ تي شڪ ٿيو جنهن تي وجهي زال ۽ پوليس جي آڏو پٽ کي قتل ڪرڻ ۽ سندس لاش نالي ۾ اڇلڻ جو اعتراف ڪيو.
پوليس موجب جوابدار پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن کي پٽ جي اسڪول مان ڪيتريون ئي شڪايتون مليون هيو ته هو ٻين شاگردن کي پريشان ڪري ٿو ۽ پڙهائي تي ڌيان نٿو ڏئي، گھر ۾ پٽ جي رويي ۽ فحش فلمون ڏسڻ جي عادت کان پريشان هيس جنهن کان تنگ اچي هڪ ڏينهن آئون پٽ کي موٽرسائيڪل تي کڻي ويس ۽ کيس زهر مليل شربت پيئڻ لاءِ ڏنو جڏهن وشال بيهوش ٿيو ته سندس لاش گھر ويجهو نالي ۾ اڇلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.