اسان بلين ٽري وارا ناهيون، جيڪو چوندا آهيون ڪندا آهيون: نواز شريف

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ 50 لک گهرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو، ڇا ڪنهن کي گهر مليو؟ ڇا بيروزگاري ختم ٿي وئي؟ اسان بلين ٽري وارا ناهيون، جيڪي چوندا آهيون اهو ڪندا آهيون.
فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جلسي ۾ موجود ڪو هڪ شخص هٿ کڻي ٻڌائي ته ان کي گهر مليو، هي ممي ڊيڊي وارا نوجوان ناهن، چوندا آهن ته اهي نوجوان ڪنهن ٻئي سان گڏ آهن پر نه اهي ن ليگ سان گڏ آهن، هجوم ڏسي مون وٽ لفظ ئي ناهن، بس اهو چوندس ته فيصل آباد زنده آباد.
هن چيو ته فيصل آباد ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان موٽر ويز آهن، توهان کي ڪيترا موٽر ويز کپن؟ توهان انڪار ڪندئو ته به اسان ٺاهينداسين، حڪومت ۾ اچي، اٽو، گئس، پيٽرول ۽ کنڊ سستي ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.