ڀارتي بيٽر سرفراز خان کي ڪهڙو پاڪستاني ڪرڪيٽر پسند آهي؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پهريون ڀيرو ڀارتي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بڻجندڙ سرفراز خان چيو آهي ته سندس والد کي لڳي ٿو ته هو پاڪستاني بيٽر جاويد ميانداد جيان کيڏندو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران سرفراز خان چيو ته ويرات ڪوهلي، اي بي ڊيويليئرز، سر ويوين رچرڊز ۽ جاويد ميانداد پسند آهن ۽ سندن بيٽنگ وڊيوز ڏسندو آهيان.
سرفراز خان چيو ته هو جوئي روٽ جي بيٽنگ به ڏسندو آهي، ڪامياب پليئرز کي فالو ڪندو آهيان، اِهو ڏسندو آهيان ته هو ڪيئن کيڏندا آهن ته جيئن مان سکي سگهان.
ڀارتي بيٽر چيو ته هن کي والد ڪرڪيٽ طرف آندو، فطري طور تي اٽيڪنگ بيٽر آهي ۽ شروع ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ تڪڙو آئوٽ ٿي ويندو هو.
هن چيو ته جڏهن هو يوپي کان ممبئي واپس آيو ته کيس ڊپ هو ته سندس ڪيريئر اڳتي نه وڌندو پر والد سدائين گڏ بيٺو رهيو، هن کي محنت تي يقين هو ۽ مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي اِهو ان ئي محنت جو نتيجو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس والد کيس چوندو آهي ته هو پاڪستاني ليجنڊري بيٽر جاويد ميانداد جيان بيٽنگ ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.